ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو اجلاس
ڪراچي جي ضلعي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جي نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي
ڪراچي: 13 آگسٽ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت ۾ ٿيو ، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان ڪراچي جي ضلعي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جي نالن جو جائزو ورتو ويو ۽ مختلف تجويزن تي تفصيلي غور به ڪيو ويو. اجلاس ۾ گڏيل طور تي اوڀر ضلع جي چيئرمين جي لاءِ معيد انور ۽ وائيس چيئرمين جي لاءِ عبدالرئوف، سينٽرل ضلع جي لاءِ چيئرمين ريحان هاشمي۽ وائيس چيئرمين شاڪر علي، اولھھ ضلع جي لاءِ چيئرمين اظهار احمد خان ۽ وائيس چيئرمين گلفراز خان خٽڪ، ڏکڻ ضلع جي لاءِ چيئرمين ارشاد علي ۽ جڏهن ته ڪورنگي ضلعي جي لاءِ چيئرمين نير رضا ۽ وائيس چيئرمين جي لاءِ رڪن الدين جي نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.