Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي طرفان طيب حسين حيدرآباد جا ميئر ۽ سهيل مشهدي ڊپٽي ميئر هوندا


ايم ڪيو ايم جي طرفان طيب حسين حيدرآباد جا ميئر ۽ سهيل مشهدي ڊپٽي ميئر هوندا
 Posted on: 8/15/2016
ايم ڪيو ايم جي طرفان طيب حسين حيدرآباد جا ميئر ۽ سهيل مشهدي ڊپٽي ميئر هوندا
جڏهن ته ميرپورخاص ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين جي لاءِ فاروق جميل دراني ۽ وائيس چيئرمين جي لاءِ فريد احمد اميدوار هوندا. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 15 آگسٽ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي لاءِ ميئر، ڊپٽي ميئر، ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏيئي ڇڏي آهي. رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي مطابق ايم ڪيو ايم جي طرفان طيب حسين حيدرآباد جا ميئر ۽ سهيل مشهدي ڊپٽي ميئر جا اميدوار هوندا. جڏهن ته ميرپورخاص ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين جي لاءِ فاروق جميل دراني ۽ وائيس چيئرمين جي لاءِ فريد احمد اميدوار هوندا. واضع رهي ته طيب حسين حيدرآباد کان قومي اسيمبلي جا ميمبر به رهي چڪا آهن ۽ هن وقت اهي ايم ڪيو ايم حيدرآباد زون جا فنانس سيڪريٽري آهن، جڏهن ته سهيل مشهدي جو شمار ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو ۽ اهي حيدرآباد کان صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ۽ صوبائي وزير به رهي چڪا آهن ۽ هن وقت اهي ايم ڪيو ايم حيدرآباد زونل ڪميٽي جا ميمبر آهن. فاروق جميل دراني ايم ڪيو ايم ميرپورخاص جا سينيئر ڪارڪن ۽ هن وقت ميرپورخاص جي زونل ڪميٽي جا ميمبر آهن. جڏهن ته فريد احمد ميرپورخاص کان صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ۽ زونل انچارج به رهي چڪا آهن ۽ هن وقت اهي ميرپورخاص زونل ڪميٽي جي ميمبر جي حيثيت سان تنظيمي ذميواريون انجام ڏيئي رهيا آهن. ان کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين حيدرآباد جي ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوارن جي نالن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.

4/19/2024 4:27:29 PM