ايم ڪيو ايم لاهور جي پنجاب هائوس ۾ پاڪستان جي 68 هين يوم آزادي جي پرچم ڪشائي(جهنڊي ڦڙڪائڻ) جي تقريب منعقد ڪئي وئي.
لاهور؛ 14 آگسٽ 2014
پاڪستان جي 68 هين يوم آزادي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي سينٽرل پنجاب هائوس لاهور ۾ پرچم ڪشائي( جهنڊي ڦڙڪائڻ) جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق، افتخار اڪبر رنڌاوا، وسيم اختر ۽ عبدالحسيب قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ ملڪ جي بقا و سلامتي، قوم جي خوشحالي ۽ دهشت گردي جي خاتمي سميت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون.ان موقعي تي صوبائي تنظيمي ڪميٽي جو انچارج ارشاد ظفير، سينٽرل پنجاب جو صدر عامر بلوچ ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن جي به وڏي تعداد موجود هئي.