سابق چيئرپرسن عاصمه جهانگير جي سربراهي ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي وفد جو ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جو دورو ڪيو.
انهن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، محترمه نسرين جليل ۽ ڪنور خالد يونس سان ملاقات ڪري انهن سان خيالن جي ڏي وٽ ڪئي.
ڪراچي؛ 21 جولائي 2014
هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سابق چيئرپرسن عاصمه جهانگير جي سربراهي ۾ هڪ وفد ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، محترمه نسرين جليل ۽ ڪنور خالد يونس سان ملاقات ڪئي.وفد ۾ ايچ آر سي پي ڪي جو چيئرمين ڪامران عارف، سينيئر ميمبرَ طاهر حسين، اسد اقبال بٽ، منير ميمڻ ۽ ٻيا به شامل هئا.ملاقات ۾ اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن، آئي ڊي پيز جي امداد، ملڪ ۾ امن و امان جي قيام، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل ۽ انهن جون بغير ڪنهن جواز جي گرفتاريون بحث هيٺ آيون، ان کان علاوه ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، سماجي ۽ اقتصادي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن وفد جو نائن زيرو آمد تي خير مقدم ڪيو ۽ انهن کي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي واقعن جي تفصيلات کان به آگاھ ڪيو.