جھ ماڻهو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي باري ۾ طرح طرح جون افواهون ڦيلائي رهيا آهن ته جيئن عوام ۾ ڪاوڙ ۽ اشتعال پيدا ٿئي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
انهن افواهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي ۽ عوام انهن افواهن تي ڪوبه ڌيان نه ڏين.رابطا ڪميٽي.
لنڊن؛ 5 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته ڪجھ ماڻهو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي باري ۾ طرح طرح جون افواهون ڦيلائي رهيا آهن ته جيئن عوام ۾ ڪاوڙ ۽ اشتعال پيدا ٿئي، رابطا ڪميٽي واضع لفظن ۾ چيو ته انهن افواهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو اڄ لنڊن جي مقامي اسپتال ۾ هڪ ٽيسٽ ٿيڻو آهي ان کان پوءِ ڊاڪٽرَ ان ڳالھ جو فيصلو ڪندا ته اهي انٽرويو ڏيڻ جي قابل آهن يا نه آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪجھ ماڻهو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي باري ۾ افواهون ڦيلائي عوام ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ چاهن ٿا، عوام انهن افواهن تي ڪو به ڌيان نه ڏين ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي باري ۾ صحيح صورتحال معلوم ڪرڻ جي لاءِ
www.mqm.orgمرڪز تي رابطو ڪن ۽ ايم ڪيو ايم جي ويب سائيٽ
جو وزٽ ڪن.
*****