آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ بيانن تي ڪائي به پابندي نه آهي. آزاد ڪشمير حڪومت جي وضاحت
مظفر آباد: 20 اپريل 2016
آزاد ڪشمير ۾ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ بيانن تي ڪائي به پابندي نه آهي. ان جي وضاحت آزاد ڪشمير جي حڪومت ڪري ڇڏي آهي.ان موقعي تي طاهر کوکر حڪومت جي وضاحت جو خير مقدم ڪندي چيو ته ان ڊس انفارميشن سان آزاد ڪشمير ۾ ايم ڪيو ايم جون سياسي سرگرميون بري طرح سان متاثر ٿيون هيون ۽ ايم ڪيو ايم اليڪشن مهم به شروع نه ڪري سگهي هئي.طاهر کوکر چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي هڪ وڏي پارليماني قوت آهي. جيڪا آزاد ڪشمير اسيمبلي جو حصو به آهي ۽ ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير ۾ ڏتڙيل غريب عوام جي ترجماني ڪري رهي آهي.انهن چيو ته اسان ايندڙ اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين.