ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي طرفان 245 جي ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ حق پرست عوام کي مبارڪباد جو پيغام
ڪينيڊا:12 اپريل 2016
ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي طرفان 245 جي ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي تي ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي نگران اعلٰي نديم احسان، سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي، ٻين ذميوارن ۽ ڪارڪنن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ حق پرست ڪارڪنن کي مبارڪباد جو پيغام ڏنو آهي. ان شاندار فتح تي آصف قاضي چيو ته اها فتح پاڪستان جي مظلومن جي فتح آهي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجين روايتن کي برقرار رکندي سمورن مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏيون آهن ۽ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته حق پرست عوام ڪالھھ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ هئا ۽ اڄ به گڏ آهن ۽ هميشه گڏ رهندا. ان کان پوءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و سلامتي ۽ شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي وئي.