ڪراچي ۾ ڊيري فارم وارن جي طرفان کير جون قيمتون وڌائڻ تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: پهرين مارچ 2016
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ڪراچي ۾ ڊيري فارم وارن جي طرفان کير جون قيمتون وڌائڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ ڪمي جي ڪري سڄي پاڪستان ۾ پيٽرول جا اگھھ گهٽ ٿيا آهن جنهن جو فائدو ڊيري فارم وارن کي به پهتو آهي. پر ان جي باوجود انهن کير جي اگهن ۾ اضافو ڪري عوام سان وڏي ناانصافي ڪئي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ ڊيري فارم وارن جي طرفان کير جي اگهن ۾ اضافي جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ کير جي قيمتن کي پراڻين قيمتن تي ڪرايو وڃي.
*****