ننڪانه صاحب ۾ مانا والا روڊ ٽي ايل پي جي جي ٽينڪر جو ڪار سان ٽڪر ٿيڻ جي دردناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
لنڊن: 10 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ننڪانه صاحب ۾ مانا والا روڊ تي ايل پي جي ٽينڪر جي ڪار سان ٽڪرائجڻ جي دردناڪ حادثي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ان دردناڪ حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه انهن زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.