ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر، ڊپٽي ميئر ارشد وهره ، چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن تنظيمي حلف کڻي ورتو.
ڊاڪٽر فاروق ستار انهن کان حلف ورتو.
ڪراچي: 19 ڊسمبر 2015
ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي جي لاءِ نامزد ميئر وسيم اختر، ڊپٽي ميئر ارشد وهره، چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کان تنظيمي حلف ورتو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي، سي اي سي ، سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ ڪارڪن هزارن جي تعداد ۾ موجود هئا. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار وسيم اختر، ارشد وهره، چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونلسرن کان تنظيمي حلف ورتو.
*****