ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام قصبه علي ڳڙھ سانحي ۽ سقوط ڍاڪا جي شهيدن جي ورسي سڄي ملڪ ۾ 16 ڊسمبر بروز اربع تي ملهائي ويندي.ايم ڪيو ايم جو اعلان.
ڪراچي: 15 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام قصبه علي ڳڙھ سانحي ۽ سقوط ڍاڪا جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويندا ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. ورسي جي سلسلي ۾ مرڪزي اجتماع لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ 16 ڊسمبر بروز اربع تي ٻيپهري جي نماز کان پوءِ منعقد ٿيندو. جنهن ۾ شهيدن جي مغفرت ۽ بلند درجات جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي ويندي. ان کان علاوه اندرون سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ قرآن خواني جا اجتماع منعقد ٿيندا.
*****