سابق سفير، صحافي ۽ جناح ۽ پاڪستان سميت 20 ڪتابن جي مصنف قطب الدين عزيز جي لاڏاڻي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن: 12 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق سفير، صحافي ۽ جناح ۽ پاڪستان سميت 20 ڪتابن جي مصنف قطب الدين عزيز جي لاڏاڻي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته قطب الدين عزيز صرف هڪ سٺا انسان ئي نه بلڪه هڪ يونيورسٽي جو درجو به رکندا هئا، جن صحافت ۽ ادب جي دنيا ۾ وڏيون خدمتون انجام ڏنيون جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****