Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان سکر ۾ چونڊ جلسي کان پوءِ گهرن ڏانهن موٽندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي پوليس جي طرفان گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان سکر ۾ چونڊ جلسي کان پوءِ گهرن ڏانهن موٽندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي پوليس جي طرفان گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
 Posted on: 10/30/2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان سکر ۾ چونڊ جلسي کان پوءِ گهرن ڏانهن موٽندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي پوليس جي طرفان گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
ڪراچي: 30 آڪٽوبر 2015 
                     متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سکر ۾ ٿيندڙ جلسي کان پوءِ پنهنجن گهرن ڏانهن موٽندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي پوليس جي طرفان گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پي پي جي ڪارڪنن ايم ڪيو ايم جي پرامن ريلي کي روڪي ڪري نعري بازي ڪئي ۽ ڪارڪنن کي گهٽ وڌ به ڳالهايو پر پوليس سنڌ حڪومت جي اشاري تي ابتڙ اسان جي ئي 21 بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ پوليس جا اعلٰي آفيسر اسان جي حق پرست نمائندن سان تعاون ڪرڻ کان به ڪيٻائي رهيا آهن. انهن چيو ته سکر  پوليس ايم ڪيو ايم سکر يونٽ 15 اي جي ڪارڪنن نعمان ٻنڌاڻي، شيري فرحان ٻنڌاڻي، اويس ٻنڌاڻي، رضوان، تاج محمد ٻڻڌاڻي، عبدالرحمٰن ٻنڌاڻي، عبدالسلام ٻنڌاڻي، دانش ٻنڌاڻي، سميع خان ٻنڌاڻي، يونٽ 7 اي جي ڪارڪنن عمر دين، اويس، فهيم، ايم ڪيو ايم روهڙي سيڪٽر جي ڪارڪن شفاعت حسين، وقار قريشي، علي رضا قريشي،ذيشان قريشي، يوسي 1 جي ڪارڪن اشرف، يوسي 17 جي ڪارڪن نفيس عباسي ۽ يوسي 4 جو ڪارڪن منٺار شامل آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته پي پي جي طرفان اسان جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتاري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪراچي وانگر سنڌ ۾ به باطل قوتون ايم يڪو ايم ۽ جناب الطاف حسين جي مقبوليت کان خوفزده آهن ۽ طاقت جي زور تي ايم ڪيو ايم کي ڌٻائڻ چاهين ٿيون. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته اهي طاقت جي زور تي اسان جي سياسي سرگرمين کي روڪڻ ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ اسان جي بي گناھ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.
*****

7/17/2024 1:25:23 PM