Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شهيد ملت لياقت علي خان وفا ۽ خلوص جا پيڪر (نمونا) هئا ۽ پاڪستان ۽ ان جي عوام کي ترقي يافته ۽ خوشحال ڏسڻ چاهين پيا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


شهيد ملت لياقت علي خان وفا ۽ خلوص جا پيڪر (نمونا) هئا ۽ پاڪستان ۽ ان جي عوام کي ترقي يافته ۽ خوشحال ڏسڻ چاهين پيا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 10/15/2015
شهيد ملت لياقت علي خان وفا ۽ خلوص جا پيڪر (نمونا) هئا ۽ پاڪستان ۽ ان جي عوام کي ترقي يافته ۽ خوشحال ڏسڻ چاهين پيا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
شهيد ملت لياقت علي خان جي 64 هين ورسي جي موقعي تي خصوصي بيان
لنڊن: 15 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شهيد ملت لياقت علي خان کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو آهي ته خان لياقت علي خان جي شهادت پاڪستان جي تاريخ جو هڪ وڏو افسوسناڪ سانحو آهي. پاڪستان جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان جي 64 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته شهيد ملت لياقت علي خان جي قتل جي اسباب تي اڄ تائين پردو پيل آهي ۽ وڏي ڏک ۽ افسوس جي ڳالھ اها آهي ته انهن جي قتل جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ قوم اڄ تائين محروم آهي. انهن چيو ته تحريڪ پاڪستان ۽ قيام پاڪستان جي لاءِ لياقت علي خان جي قربانين کي ڪنهن به قيمت تي فراموش ڪري نه ٿو سگهجي ۽ پاڪستان ۽ ان جي عوام جي لاءِ انهن جي قربانين کي ڪڏهن به رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو. انهن فرمايو ته خان لياقت علي خان وفا ۽ خلوص جا پيڪر(نمونا) هئا ۽ اهي پاڪستان ۽ ان جي عوام کي ترقي يافته ۽ خوشحال ڏسڻ چاهين پيا. پر بدقسمتي سان انهن کي راولپنڊي جي جلسي ۾ خطاب ڪندي گولي هڻي ڪري هڪ سازش جي تحت قتل ڪيو ويو.  انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته شهيد ملت لياقت علي خان جي قتل جي اصل سببن سميت مهاجرن جي  قتل عام جا به جيترا دردناڪ واقعا ڪرايا ويا آهن انهن جي به تحقيقات ڪري عوام جي سامهون آندي وڃي.

7/17/2024 1:15:47 PM