Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيو جي ٽيم تي ٿيندڙ حملو کليل دهشت گردي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جيو جي ٽيم تي ٿيندڙ حملو کليل دهشت گردي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 9/9/2015 1
جيو جي ٽيم تي ٿيندڙ حملو کليل دهشت گردي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
انهن جيو جي سيٽلائيٽ انجنيئر ارشد علي جعفري جي هلاڪت تي دلي افسوس ۽ زخمي ٿيندڙ ڊرائيور محمد انيس سان همدردي جو اظهار به ڪيو.
لنڊن: 9 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ جيو جي ڊي ايس اين جي وين تي دهشت گردن جي حملي جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي ۾ جيو جي سيٽلائيٽ انجنيئر ارشد علي جعفري جي هلاڪت تي وڏي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته جيو جي ٽيم تي ٿيندڙ حملو کليل دهشت گردي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ان واقعي ۾ ملوث دهشت گردن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. انهن دهشت گردي جي ان واقعي ۾ جيو نيوز جي سمورن اينڪر پرسنن، رپورٽرن، ڪيميره مينن ۽ ٽيڪنيشنز سميت سموري اسٽاف سان مڪمل همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي ارشد علي جعفري شهيد جي مغفرت فرمائي.انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي. آمين. انهن زخمي ٿيندڙ ڊرائيور محمد انيس سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. 
*****

7/17/2024 11:15:59 AM