Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي جي دوري ۾ شهر جي بنيادي مسئلن کان جهڙي طرح عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ان سان ڪراچي جي ماڻهن کي سخت مايوسي ٿي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي جي دوري ۾ شهر جي بنيادي مسئلن کان جهڙي طرح عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ان سان ڪراچي جي ماڻهن کي سخت مايوسي ٿي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/1/2015 1
وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي جي دوري ۾ شهر جي بنيادي مسئلن کان جهڙي طرح عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ان سان ڪراچي جي ماڻهن کي سخت مايوسي ٿي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
سنڌ حڪومت ته پهرين ئي ڪراچي جي مسئلن کان لاتعلق ٿي وئي آهي.
ملڪ جي خزاني کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيڻ واري شهر سان سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جو اهو بي حسي وارو رويو وڏو افسوسناڪ ئي نه بلڪه تعصب وارو به آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ پهرين جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته وزير اعظم ميان نواز شريف پنهنجي ڪراچي جي دوري جي دوران شهر جي بنيادي مسئلن کان جهڙي طرح عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ان سان ڪراچي جي عوام کي سخت مايوسي ٿي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ حڪومت ته پهرين ئي ڪراچي جي مسئلن کان لاتعلق آهي ۽ وزير اعظم نواز شريف جي ڪراچي جي دوري کان شهرين کي اها اميد هئي ته اهي ڪراچي ۾ لڪ لڳڻ جي ڪري هلاڪ ٿيندڙ 1200 کان وڌيڪ ماڻهن جي پونئرن جي لاءِ امداد سان گڏو گڏ ڪراچي جي شهرين کي لوڊشيڊنگ جي عذاب ۽ پاڻي جي سخت ڪمي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ به وفاقي حڪومت جي طرفان قدم کڻڻ جو اعلان ڪندا، پر وزير اعظم ان حوالي سان ڪوئي به اعلان نه ڪيو. ان کان علاوه ميان نواز شريف وزير اعلٰي هائوس ۾ ويهي ڪري هيٽ اسٽروڪ جي نتيجي ۾ 1200 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ته ڪيو پر انهن ڪراچي جي ڪنهن به اسپتال جي دوري ڪرڻ جي تڪليف برداشت نه ڪئي. رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ جي خزاني کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيڻ واري شهر سان سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جو اهو بي حسي وارو رويو وڏو افسوسناڪ ئي نه بلڪه متعصبانه به آهي ۽ ان رويي سان ڪراچي جي شهرين ۾ پائي ويندڙ احساس محرومي ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو. 
*****


6/30/2024 7:28:16 AM