پرائيويٽ ٽي وي چينل جي سينيئر صحافي فيصل عزيز جي والد عبدالقيوم خان جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 27 جون 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پرائيويٽ ٽي وي چينل جي سينيئر صحافي فيصل عزيز جي والد عبدالقيوم جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي فيصل عزيز سميت مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي. رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.