Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم آمريڪا ۽ آسٽريليا جي زير اهتمام سانحه صفورا جي شهيدن جي ياد ۾ الڳ الڳ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيا ويا.


ايم ڪيو ايم آمريڪا ۽ آسٽريليا جي زير اهتمام سانحه صفورا جي شهيدن جي ياد ۾ الڳ الڳ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيا ويا.
 Posted on: 5/17/2015
ايم ڪيو ايم آمريڪا ۽ آسٽريليا جي زير اهتمام سانحه صفورا جي شهيدن جي ياد ۾ الڳ الڳ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيا ويا.
پاڪستان ۾ جاري آپريشن انتها پسندن جي بجاءِ سياسي جماعتن جي خلاف ٿي رهيو آهي. سينيٽر بابر غوري.
آمريڪا، آسٽريليا؛ 17 مئي 2015 
             متحده قومي موومينٽ آمريڪا ۽ آسٽريليا جي زير اهتمام سانحه صفورا جي شهيدن جي ياد ۾ الڳ الڳ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيا ويا. جن ۾ سانحه صفورا جي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون. آمريڪا ۾ لاس ايجلنس ۽ جڏهن ته آسٽريليا جي شهر ميلبرن ۾ اهي اجلاس منعقد ڪيا ويا، جن ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. لاس ايجلنس ۾ ان افسوسناڪ سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ پاڪستاني حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اها سانحه صفورا ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ۽ انهن کي سخت ترين سزا ڏي. تعزيتي اجلاس کي ايم ڪيو  ايم رهنما بابر غوري خطاب ڪندي چيو ته سانحه صفورا جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. حڪومت دٻاءُ کان ٻاهر نڪري ڪري سمورن انتها پسندن جي خلاف ڪاروائي ڪري ته يقينن پاڪستان هڪ پرامن ۽ مثالي ملڪ بڻجي سگهي ٿو. انهن چيو ته اسان جا حڪمران جڏهن حڪومت کان ٻاهر ٿي وڃن ٿا ته وڏيون وڏيون دعوٰئون ڪن ٿا پر بعد ۾ مصلحت جي چادر اوڙهي وٺن ٿا ، نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن جي لاءِ رقم رکي وڃي ٿي ، سنڌ کي وفاق کان 56 ارب روپيا ملن ٿا ۽ سنڌ جي آبادي جيڪڏهن ساڍا چار ڪروڙ تصور ڪئي وڃي ته ڪراچي جي آبادي اڍائي ڪروڙ بيهي ٿي پر جڏهن ته انهن پيسن مان ڪراچي جي ترقي جي لاءِ اڌ رقم به رکي وڃي ته ڪراچي دنيا جو خوبصورت ترين شهر بڻجي سگهي ٿو پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته ڪراچي کي صرف 3 ارب ملن ٿا.انهن وڌيڪ چيو ته اختيار هڪ شخص جي هٿن ۾ هجڻ سان مسئلا وڌن ٿا ، اختيارن جي تقسيم جيڪڏهن چونڊيل نمائندن جي هٿن ۾ هجي ته شهر ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو.انهن چيو ته پاڪستان ۾ جاري آپريشن انتها پسندن جي بجاءِ سياسي جماعتن جي خلاف ٿي رهيو آهي ۽ ڏوهارين جي بجاءِ سياستدانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. جنهن سان ملڪ ۾ بيچيني ڦيلجي رهي آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جو پيغام حق ۽ سچ تي ٻڌل آهي ۽ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارا جتي به هجن اهي يڪجهتي جو نمونو پيش ڪن ٿا. ان کان پوءِ سانحه صفورا جي شهيدن جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي ۽ ميڻ بتيون روشن ڪري انهن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو ويو. 

6/30/2024 7:33:41 AM