پشاور ۽ ان جي ويجهڙائي وارن علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ آنڌي سان جاني و مالي نقصان ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 26 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پشاور ۽ ان جي ويجهڙائي وارن علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ آنڌي سان ٿيندڙ تباهي ۽ جاني و مالي نقصان ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته اڄ پشاور ۽ ان جي ويجهڙائي وارن علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ آنڌي سان جيڪا تباهي ٿي آهي ۽ گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 25 هن کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن جنهن تي مون کي وڏو افسوس آهي. انهن فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن فوت ٿيندڙن جي پونئرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. ان کان علاوه انهن زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. انهن صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها متاثرن جي نقصانن جو ازالو ڪري ۽ بحالي جي ڪمن کي هنگامي بنيادن تي تيز ڪيو وڃي.