Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سعودي عرب ۾ فوجون موڪلڻ جي معاملي تي پاڪستان جي بقا ۽ سالميت کي ڏسڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي اوليت ڏيڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سعودي عرب ۾ فوجون موڪلڻ جي معاملي تي پاڪستان جي بقا ۽ سالميت کي ڏسڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي اوليت ڏيڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/6/2015 1
سعودي عرب ۾ فوجون موڪلڻ جي معاملي تي پاڪستان جي بقا ۽ سالميت کي ڏسڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي اوليت ڏيڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان کي پرائي شادي ۾ عبدالله ديواني جو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ چوڌري بڻجڻ جو وڏو شوق آهي.
خدانخواسته وقت پيو ته مان به خانه ڪعبه ۽ مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم جي حرمت، تقدس ۽ سلامتي جي لاءِ ڊوڙندو ويندس.
اسٽعيفٰي ڏيڻ وارن ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت ڏيڻ آئين ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي.
موجوده صورتحال تي اليڪٽرانڪ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 6 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي اختيارين ڌرين کي چيو آهي ته سعودي عرب ۾ فوجون موڪلڻ جي معاملي تي پاڪستان جي بقا ۽ سالميت کي ڏسڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي اوليت ڏيڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي پنهنجن مفادن جي ور نه چاڙهيو وڃي. انهن فرمايو ته اسٽعيفٰي ڏيڻ وارن ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت  جي اجازت ڏيڻ آئين ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن موجوده صورتحال تي اليڪٽرانڪ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته اڄ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ميمبرن جي حيثيت ڪٽ پتلي جو تماشو ڏسندڙن کان وڌيڪ نه هئي ۽ سعودي عرب ۽ يمن جي وچ ۾ جاري ڇڪٿاڻ تي پاڪستان جي موقف جي باري ۾ پهرين ته غلط ڳالھ ڪئي وئي ۽ پوءِ اجلاس کي شام تائين ملتوي ڪيو ويو. انهن فرمايو ته مان پاڪستان جي محروم ۽ مظلوم عوام جي نمائندي جي حيثيت سان اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان پاڪستان ۽ ان جي عوام جو دوست ۽ همدرد آهيان. انهن فرمايو ته پارليامينٽ جي اجلاس ۾ چيو ويو ته سعودي عرب جو هر جڳھ تي ۽ هر لحاظ سان دفاع ڪيو ويندو. اهڙو چوڻ وارن کي شرعي اصولن جو ڪوئي تجربو آهي ۽ نه  دنياوي قانونن جو، ۽ نه ئي اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن جو ڪوئي خيال آهي. انهن فرمايو ته اقوام متحده جو چارٽر نمبر 7 اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي طرفان ڪنهن ملڪ تي چڙهائي ڪئي وڃي ۽ ان ملڪ جي استحڪام کي خطرو لاڳو ٿئي ته اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ان باري ۾ قرارداد پاس ڪندي ته ڪنهن کي ڪنهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. انهن فرمايو ته عرب ليگ پنهنجن اجلاسن ۾ يمن جي خلاف ڪاروائي جي ڳالھ ڪئي. عرب ليگ انڊيا کي ته مبصر جي حيثيت سان ميمبر جو درجو ڏنو آهي پر پاڪستان کي مبصر جو درجو نه ڏنو ويو آهي. ان لحاظ سان سعودي عرب جي دفاع جي لاءِ انڊيا کي چيو وڃڻ گهرجي ها پر اسان کي پرائي شادي ۾ عبدالله ديواني جو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ چوڌري بڻجڻ جو شوق آهي. انهن فرمايو ته الطاف حسين سميت هر پاڪستاني جي دل ۾ خانه ڪعبه ۽ مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم جو وڏو احترام آهي ۽ خدانخواسته وقت پيو ته مان به سڀني مشڪلاتن جون زنجيرون ٽوڙي خانه ڪعبه ۽ مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم جي حرمت ، تقدس ۽ ان جي سلامتي جي لاءِ ڊوڙندو ويندس.پر هن وقت معاملو خانه ڪعبه يا مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم جو نه بلڪه سعودي عرب ۽ يمن جو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي فوج پهرين ئي ملڪ ۾ ضرب عضب ۾ مصروف آهي، اهڙي وقت ۾ پاڪستان جون فوجون ڪيئن موڪلي سگهجن ٿيون؟ انهن سوال ڪيو ته پاڪستان جي تحفظ جي لاءِ اڄ تائين ڪهڙي ملڪ جون فوجون آيون آهن، 1948 ، 1965 ۽ 1971 جي جنگ ۾ ڪهڙي ملڪ پاڪستان جو ساٿ ڏنو؟ ڪارگل جي جنگ ۾ ڪهڙي ملڪ پاڪستان جو ساٿ ڏنو؟ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم ٻار شهيد ٿي ويا پر ڪنهن به مدد نه ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن مدد ڪئي هوندي ته اها ڪنهن جي ذاتي خزاني ۾ ڪئي هوندي. انهن فرمايو ته خدا جي واسطي پاڪستان جي بقا ۽ سالميت کي ڏسو، پاڪستان کي اوليت ڏيو ۽ پاڪستان کي پنهنجن مفادن جي ور نه چاڙهيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته سعودي عرب يمن جي معاملي تي اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي آڙ ۾ اهڙن ميمبرن کي به ايوان ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وئي جن گهڻو وقت اڳ ئي اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏيا هئا. ان لحاظ سان انهن جي رڪنيت ۽ اجلاس ۾ شرڪت ناجائز آهي. انهن فرمايو ته آئين جي آرٽيڪل 64 جي شق هڪ جي تحت جڏهن ڪوئي به ميمبر هڪ ڀيرو اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏي ته ان جي سيٽ خالي ٿي ويندي آهي. اهڙي طرح آئين جي آرٽيڪل 64 جي شق 2 جي تحت جيڪڏهن ميمبر لڳاتار 40 هن ڏينهن تائين ايوان کان غير حاضر رهي ته ان جي رڪنيت ختم ٿي ويندي آهي. اسٽعيفٰي ڏيڻ وارن ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت ڏيڻ آئين ۽ قانون جو مذاق اڏائن جي برابر آهي. انهن فرمايو ته جهڙي طرح طلاق ڏيڻ کان پوءِ ٻيهر رجوع ڪرڻو پوي ٿو اهڙي طرح ئي اسٽعيفٰي ڏيڻ کان پوءِ ٻيهر اسيمبلي ۾ وڃڻ جي لاءِ ٻيهر اليڪشن وڙهڻو پوي ٿو. انهن فرمايو ته خدا جي واسطي پنهنجن مفادن جي بجاءِ صحيح فيصلا ڪيا وڃن.

7/17/2024 6:15:14 PM