Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عمران خان کي گار گند جي زبان ڇڏي ڪري سنجيده سياست ڪرڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


عمران خان کي گار گند جي زبان ڇڏي ڪري سنجيده سياست ڪرڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 4/5/2015 1
عمران خان کي گار گند جي زبان ڇڏي ڪري سنجيده سياست ڪرڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
عمران خان کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي الطاف حسين فوبيا کان ٻاهر اچڻ گهرجي.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 5 اپريل 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي طرفان ايم ڪيو ايم تي ڪئي ويندڙ اجايو تنقيد تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته عمران خان صاحب کي هاڻي گارگند جي زبان ڇڏي ڪري سنجيده سياست ڪرڻ گهرجي ۽ الطاف حسين فوبيا کان ٻاهر اچڻ گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته حقيقت ۾ عمران خان کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي شڪست يقيني نظر اچي رهي آهي ان جي ڪري عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جا رهنما شڪست کان بچڻ جي لاءِ ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهيا آهن ۽ الزامن جو سهاور وٺي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته جيستائين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف لنڊن ۾ مقدمي دائر ڪرڻ جو تعلق آهي ته عمران خان جتي چاهين مقدمو دائر ڪن ۽ پنهنجو شوق پورو ڪري وٺن ڇو ته ان کان پهرين به اهي ڪوششون ڪري چڪا آهن ۽ انشاء الله تعالٰي ماضي وانگر هن ڀيري به انهن کي ناڪامي جو سامنو ڪرڻو پوندو. رابطا ڪميٽي چيو ته عمران خان قوم کي اهو جواب ڏين ته جنهن اسيمبلي کي اهي جعلي ۽ فراڊ چوندا پيا اچن اڄ انهي اسيمبلي ۾ اهي ڪهڙي منهن سان وڃڻ جي ڳالھ ڪري رهيا آهن؟ ڇا ڌوڪي بازي ۽ منافقت جي اها سياست ئي انهن جي تبديلي آهي، جنهن جي لاءِ انهن قوم جي نوجوانن کي بي وقوف بڻايو؟ رابطا ڪميٽي چيو ته عمران خان جي منافقت جي اها سياست هاڻي گهڻي دير هلي نه ٿي سگهي.

6/30/2024 9:29:01 AM