Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

محبت خدا آهي ۽ خدا محبت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .


محبت خدا آهي ۽ خدا محبت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .
 Posted on: 2/15/2015
محبت خدا آهي ۽ خدا محبت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .
محبت جي پيغام کي عام ڪري ئي دنيا کي جنت بڻائي سگهجي ٿو.ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي جناب الطاف حسين جو پيغام.
الله تعالٰي غيب سان اهڙو ڪرم فرمائي جو پوري دنيا کان دهشت گردي جو خاتمو ٿي وڃي يا گهٽ ۾ گهٽ دهشت گردي جي خاتمي جو آغاز پاڪستان کان ٿي وڃي.نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 15 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته محبت خدا آهي ۽ خدا محبت آهي ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪري ئي دنيا کي جنت بڻائي سگهجي ٿو. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ، شعبن جي ميمبرن ۽ حق پرست نمائندن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.ان موقعي تي جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن ڪارڪنن ۽ همدردن کي ويلنٽائن ڊي جي مبارڪباد به پيش ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين ويلنٽائن ڊي جي مختصر تاريخ ۽ ان ڏينهن جي ملهائڻ جا سبب بيان ڪندي فرمايو ته ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي منهنجو پيغام اهو آهي پيار و محبت سان محبت ڪئي وڃي ۽ ساڙ ۽ حسد کان نفرت ڪئي وڃي. انهن فرمايو ته معصوم ذهنن ۾ جيڪڏهن اوهان نفرت جا ٻڄ پوکيندو ته نفرت جو ئي فصل لڻڻدو. انهن فرمايو ته دماغ استمال ڪرڻ ۽ زماني سان گڏ هلڻ وارا ماڻهو جيڪڏهن چاهين ته اهي پنهنجي سوچ کي جديد دور جي تقاضن ۾ اوتي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪوئي زماني سان هلڻ سکي وڃي ته اهو ترقي، خوشحالي ۽ عروج پائي ٿو.انهن فرمايو ته ويلنٽائن ڊي هر سال 14 فيبروري تي ملهايو وڃي ٿو.ان ڏينهن ماڻهو هڪ ٻئي کي پيار جي پيغام جا ڪارڊ، گل ۽ چاڪليٽن جا تحفا پيش ڪن ٿا. انهن ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ همدردن کي ويلنٽائن ڊي جي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته مان اوهان سڀني سان تمام گهڻو پيار ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته تحريڪ گڏيل مفادن جي حصول جي لاءِ بڻجي ٿي، جيڪڏهن تحريڪ ۾ شامل ماڻهن جي سوچ انفراديت جي تابع ٿي وڃي ته بشري خامين جو شڪار ٿي ڪري نه صرف اهو مطلبي بڻجي وڃي ٿو پر ان جون ترجيحات به بدلجي وڃن ٿيون ۽ اهو گڏيل مفادن جي جدوجهد کان پاڻ کي پري ڪري وٺي ٿو. انهن ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن، ڪارڪنن ۽ خصوصن نواجوانن تي زور ڏنو ته اهي پاڻ کي جديد دور جي تقاضن سان هم آهنگ ڪن. جديد علم حاصل ڪن ۽ 21 هين صدي جي تقاضن جي مطابق انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ مهارت حاصل ڪن ته جيئن ملڪ و قوم جي گڏيل مفادن جي حصول جي لاءِ اهي به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن.انهن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ بم ڌماڪن ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله سمورن شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي غيب سان اهڙو ڪرم فرمائي جو پوري دنيا کان دهشت جو خاتمو ٿي وڃي يا گهٽ ۾ گهٽ دهشت گردي جي خاتمي جو آغاز پاڪستان کان ٿي وڃي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن به جناب الطاف حسين سان تمام گهڻي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪندي انهن کي ويلنٽائن ڊي جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن جي صحت و سلامتي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون به ڪيون.

7/17/2024 6:11:41 PM