Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ ڪمي نه ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار.


سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ ڪمي نه ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 1/2/2015 1

سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ ڪمي نه ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛ 2 جنوري 2015
             سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن پيٽرول جي قيمتن ۾ ڪمي ٿيڻ جي باوجود پبلڪ ٽرانسپورٽ ايسوسي ايشن جي طرفان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ ڪمي نه ڪرڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ٽرانسپورٽ مافيا ڪراچي جي شهرين کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ ۾ مصروف آهي ۽ ڪراين ۾ ڪمي نه ڪرڻ کي سي اين جي جي قيمتن ۾ ڪمي ڪرڻ سان مشروط ڪري رهي آهي جيڪا سراسر زيادتي آهي. انهن وڌيڪ چيو ته  صوبائي عهديدارن جي ملي ڀڳت سان ٽرانسپورٽ مافيا ناقص گيس سلينڊر به استعمال ڪري رهي آهي. جنهن جي ڪري شهرين جي جان هر وقت خطري ۾ رهي ٿي. انهن چيو ته ڪراچي جي شهرين کي تعصب جي ور چاڙهيو ويو آهي ۽ انهن کي 30 سالن کان مسلسل ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. انهن چيو ته ٽرانسپورٽ مافيا پنهنجو قبلو درست ڪري نه ته ڪراچي جا شهري پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد هوندا.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ممتاز جاکراڻي کان مطالبو ڪيو ته اهي ٽرانسپورٽ مافيا جي زيادتين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ ڪراين ۾ فوري طور تي ڪمي ڪرائين.


7/17/2024 8:18:21 PM