Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پرائيويٽ اسڪولز مينجمينٽ ايسوسي ايشن( پسما) ۽ آل پرائيويٽ اسڪولز مينجمينٽ ايسوسي ايشن ( سنڌ) جي گڏيل وفد جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور سان ملاقات.


پرائيويٽ اسڪولز مينجمينٽ ايسوسي ايشن( پسما) ۽ آل پرائيويٽ اسڪولز مينجمينٽ ايسوسي ايشن ( سنڌ) جي گڏيل وفد جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور سان ملاقات.
 Posted on: 12/30/2014
پرائيويٽ اسڪولز مينجمينٽ ايسوسي ايشن( پسما) ۽ آل پرائيويٽ اسڪولز مينجمينٽ ايسوسي ايشن ( سنڌ) جي گڏيل وفد جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور سان ملاقات.
ڪراچي؛ 30 ڊسمبر2014
              پرائيويٽ اسڪولز مينجمينٽ ايسوسي ايشن ( پسما) ۽ آل پرائيويٽ اسڪولز مينجمينٽ ايسوسي ايشن ( سنڌ) جي گڏيل وفد نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور سان ملاقات ڪئي ۽ گذريل پوين ڏينهن ۾ جناب الطاف حسين جي طرفان ڪراچي کان ڪشمير تائين اسڪولن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي مطالبي جي بيان جو زبردست خير مقدم ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر نصرت ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ به  موجود هئا.وفد ۾ پسما جو صدر شرف الزمان، مشتاق ڀٽي، عثمان غني، عشرت احمد، حسن قطب ۽ ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي وفد ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين سانحه پشاور جهڙن افسوسناڪ واقعن جي روڪٿام جي لاءِ جيڪا آواز بلند ڪئي آهي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي کان خيبر ۽ خيبر کان ڪشمير تائين اسڪولن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي اهو قابل تحسين آهي ۽ اسان ان  مطالبي جي تائيد ڪريون ٿا ۽ اسان جو به حڪومت کان اهو ئي مطالبو آهي ته اها پرائيويٽ اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪوششون ڪري ۽ اسڪول انتظاميه کي هٿيارن جا لائيسنسن، بيريئر لڳائڻ جي اجازت ۽ ٻيا ضروري اوزار به فراهم ڪيا وڃن. ان موقعي تي قمر منصور وفد کي يقين ڏياريو ته اهي اسڪولن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي طرفان هر ممڪن تعاون فراهم ڪندا ۽ جنهن به فورم تي ان حوالي سان آواز بلند ڪرڻي پئي ته ايم ڪيو ايم ان ۾ اسڪول انتطاميه جي هر ممڪن مدد ڪندي.

7/17/2024 8:25:21 PM