Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پشاور جي قومي سانحي تي ٽي روزه سوگ جو اعلان.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پشاور جي قومي سانحي تي ٽي روزه سوگ جو اعلان.
 Posted on: 12/16/2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پشاور جي قومي سانحي تي ٽي روزه سوگ جو اعلان.
ٽي روزه سوگ جي دوران ايم ڪيو ايم جون تمام سياسي سرگرميون معطل رهنديون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن 16 ڊسمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پشاور ۾ اسڪول تي وحشي صفت دهشت گردن جي وڏي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي ۾ اسڪول جي 100 کان وڌيڪ ٻارڙن جي شهادت جي واقعي کي هڪ وڏو قومي سانحو قرار ڏنو آهي ۽ ان قومي سانحي تي ايم ڪيو ايم جي طرفان ٽي روزه سوگ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين اعلان ڪيو ته ٽي روزه سوگ جي دوران ايم ڪيو ايم جون تمام سياسي سرگرميون معطل رهنديون ۽ شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماعَ منعقد ڪيا ويندا.جناب الطاف حسين فرمايو ته هن مهل تائين ته اهي طالبان دهشت گرد، فوج ، ايف سي، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي پنهنجي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا هئا،عام جڳهن تي بم ڌماڪا ڪري رهيا هئا ۽ عوام کي پنهنجي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيا هئا.پر اڄ انهن وحشي دهشت گردن پشاور ۾ اسڪول تي حملو ڪري معصوم ٻارن جو جنهن بي دردي سان قتل
عام ڪيو آهي ۽ اسڪول جي ٻارن جي رت سان هولي کيڏي آهي، ان جي مذمت ڪرڻ جي لاءِ مون وٽ لفظ نه هجڻ جي برابر آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته وحشي دهشت گردن اڄ قوم جي نئين نسل تي وڏو حملو ڪيو آهي ۽ رت جي هولي کيڏڻ وارا اهي وحشي دهشت گرد ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. وقت اچي ويو آهي ته فوج پوري طاقت سان انهن وحشي دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪري ۽ انهن وحشي دهشت گردن جو خاتمو ڪري. جناب الطاف حسين دهشت گردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارڙن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت پوري قوم اوهان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي تمام شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.

7/17/2024 8:30:53 PM