Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڦاهي جي سزا تي عمل پهرين بي گناھ شهرين جي قتل عام ۾ ملوث طالبان دهشت گردن تي ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڦاهي جي سزا تي عمل پهرين بي گناھ شهرين جي قتل عام ۾ ملوث طالبان دهشت گردن تي ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/17/2014
ڦاهي جي سزا تي عمل پهرين بي گناھ شهرين جي قتل عام ۾ ملوث طالبان دهشت گردن تي ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ان فيصلي کي بنياد بڻائي ڪري سياسي بنيادن تي ڦاهي ڏيڻ جو سلسلو شروع نه ڪيو وڃي.
پاڪستاني قوم بڻجي ڪري واضع ڪري ڇڏجي ته هٿ ٺوڪيل شريعت ڏاڍ جي ذريعي مسلط ڪرڻ وارن طالبان دهشت گردن جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي.
رابطا ڪميٽي کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي تمام شعبن جي تنظيم نو ڪندس ته جيئن تحريڪ کي مفاد پرستن کان پاڪ ڪري سگهجي.
ڪراچي، حيدرآباد ۽ پشاور ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جي غائبانه جنازي نماز کان پوءِ اجتماعن جي شرڪاء کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 17 ڊسمبر 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته ڦاهي جي سزا تي عملدر آمد پهرين بي گناھ شهرين جي قتل عام ۾ ملوث طالبان دهشت گردن تي ڪيو وڃي ۽ ان فيصلي کي بنياد بڻائي ڪري سياسي بنيادن تي ڦاهي ڏيڻ جو سلسلو شروع نه ڪيو وڃي. صرف ڏيکارڻ جا اجلاس نه ڪيا وڃن بلڪه طالبان دهشت گردن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور لائحه عمل بڻايو وڃي ۽ ان تي عمل به ڪيو وڃي. اها ڳالھ انهن اربع جي ڏينهن ڪراچي، حيدرآباد ۽ پشاور ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جي غائبانه جنازي نماز کان پوءِ ڪارڪنن جي اجتماعن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي. پنهنجي خطاب ۾ انهن فرمايو ته وزير اعظم ميان نواز شريف جي دور ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن شروع ٿيو جنهن جي دوران ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو، پوءِ 1999 ۾ نواز شريف جي ٻئي دور ۾ سنڌ ۾ گورنر راج نافذ ڪري فصيح جگنو سميت ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. بحيثيت حڪمران انهن ماورائي عدالت قتل جي ذميواري وزير اعظم ميان نواز شريف تي به عائد ٿئي ٿي.جڏهن نواز شريف جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو ته انهن کي به جيل ۾ سزائي موت ٻڌائي وئي پر آمريڪا جي حڪم تي انهن کي خصوصي جهاز ۾ سعودي عرب موڪليو ويو. انهن فرمايو ته ڦاهي جو قلم ميان نواز شريف تي به لڳي ها، وفاقي حڪومت جي طرفان سزائي موت تي پابندي ختم ڪري جيڪڏهن سوين پاڪستانين جي قتل ۾ ملوث وحشي طالبان دهشت گردن کي سزائي موت ڏيڻ جي بجاءِ هڪ به غلط ڦاهي ڏني وئي ته انهن کي عوامي احتساب جو سامنو ڪرڻو پوندو. اسان سو يا ڏيڍھ سو ڏينهن تائين ڌرڻا ڏيڻ وارا ماڻهو نه آهيون بلڪه اسان 100 ڪلاڪن ۾ ڪم ڪري وڃون ٿا يا ڪم اچي وڃون ٿا. ان جي ڪري مان وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي ڪابينا کي خبردار ڪريان ٿو ته سزائي موت جي فيصلي تي عملدارآمد سياسي بنيادن تي هرگز به نه ٿيڻ گهرجي.جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت کي گهرجي ته اها سڀني کان پهرين مسجدن، امام بارگاهن، مندرن، گرجاگهرن، بازارن، اسڪولن ۽ قومي تنصيبات تي حملا ڪري قتل و غارتگري ڪرڻ وارن طالبان دهشت گردن کي سزائي موت ڏي ان کان پوءِ هر هڪ ڪيس جو جائزو وٺي ۽ ايماندارانه فيصلا ڪري، حڪومت ملڪ جي جيلن ۾ قيد 15 کان 25 سالن جي قيدين جي سزا کي يا ته عمر قيد ۾ تبديل ڪري يا انهن جي
سزا ۾ ڪمي ڪري انهن کي آزاد ڪري ۽ انهن کي باعزت زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته 20 ڪروڙ آبادي کي 4 وزراء اعلٰي جي ذريعي نه ٿو هلائي سگهجي. پنجاب جي آبادي 11 ڪروڙ ۽ سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ آهي ۽ جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ ۾ ڪجھ هزار پوليس اهلڪارن جي ذريعي امن و امان قائم نه ٿو ڪري سگهجي.وقت جو تقاضا آهي ته گڊگورننس کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جرتمندانه فيصلا ڪيا وڃن. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾بهتر حڪومت هلائڻ جي لاءِ پوري پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي نوان نوان صوبا بڻايا وڃن ۽ هر صوبي جي پوليس ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي. جيڪي پنهنجن علائقن جي عوام جي نفسيات کان واقف هجن. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ڪنهن سان جهيڙو نه ٿا چاهيون ۽ سنڌ ۾ گڏجي ڪري رهڻ چاهيون ٿا. انهن وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته پوليس ۾ هنگامي بنيادن تي مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي ۽ ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي. وزير اعلٰي سنڌ واضع لفظن ۾ عوام کي آگاھ ڪن ته اهي ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ چاهين ٿا يا نه. انهن فرمايو ته ٻين سياسي رهنمائن وانگر وزير اعلٰي سنڌ به ڪراچي ۾ طالبان جي موجودگي جي مخالفت ڪئي هئي  پر حقيقت اها آهي ته اڄ به ڪراچي ۾ اهڙا علائقا آهن جتي طالبان دهشت گردن جو تسلط قائم آهي ۽ اتي پوليس داخل ٿي نه ٿي سگهي. جناب الطاف حسين ڊفينس، ڪلفٽن، بهادر آباد، گلشن اقبال ۽ سوسائٽي ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي پوش علائقن جي رهاڪن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ عوام جي جان و مال جي حفاظت جي لاءِ هنگامي بنيادن تي يورپ ۽ برطانيه وانگر (نائبر هڊ واچ سسٽم يا نائبر هڊ واچ اسڪيم) نافذ ڪن. جيڪڏهن انهن منهنجي ڳالهين تي توجه نه ڏني ته خدانخواسته ايئن نه ٿئي جو انهن کي به سانحه پشاور جهڙي دردناڪ صورتحال جوسامنو ڪرڻو پئجي .سڄي ملڪ ۾ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ پوليس جي نفري ناڪامي آهي.ان جي ڪري طالبان دهشت گردن جي قتل و غارتگري ۽ ڏوهاري ماڻهن کان تحفظ جي لاءِ اوهان کي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت چوڪيداري نظام قائم ڪرڻو پوندو ته جيئن اوهان پنهنجن علائقن ۾ پنهنجن پيارن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهو.جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مان الله تعالٰي جي مدد ۽ اوهان ساٿين جي تعاون سان تحريڪ کي گندن ماڻهن کا پاڪ ڪرڻ جو عمل جاري رکندس.الله تعالٰي جو ڪرم آهي ته توهان جو الطاف ڀاءُ اڄ به 24 هن ڪلاڪن ۾ جيترو ڪم ڪن ٿا پاڪستان جو ڪوئي به ليڊر ايترو ڪم چئن ڏينهن ۾ به نه ٿو ڪري سگهي.مان رابطا ڪميٽي ۽ ڪراچي تنظيمي ڪميٽي کي ختم ڪري نئين رابطا ڪميٽي تشڪيل ڏني، روزانه لال قلعه گرائونڊ ۾ ڪارڪنن جا اجتماع منعقد ٿي رهيا آهن جن م ڪارڪن تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن ۽ لال قلعه گرائونڊ ۾ پير رکڻ جيتري جڳھ به نه آهي. انشاء الله تعالٰي رابطا ڪميٽي جي تنظيم نو کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي تمام شعبن جي تنظيم نو ڪندس ته جيئن تحريڪ کان مفاد پرست عناصر کي پاڪ ڪري سگهجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي مفاد پرست عناصر نوٽ ٺاهي ڪري سمجهن ٿا ته اهي آرام سان رهي سگهندا ته مان انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته الله سائين جي لٺ بي آواز هوندي آهي. ايم ڪيو ايم جي نالي تي گهڻڻ ئي ماڻهن اسائلم ورتا ۽ مختلف ملڪن ۾ شهريت حاصل ڪري پنهنجن ٻارن کي به پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ تحريڪ کي ڇڏي ڏنو. اڄ تحريڪ تي آزمائش جو وقت آهي پر انشاء الله تعالٰي هڪ وقت ايندو جڏهن فيصلو ڪرڻ جو اختيار ايم ڪيو ايم وٽ هوندو ۽ مفاد پرست ماڻهن سان قانون جي مطابق نڀريو ويندو. انهن فرمايو ته مان قانون پسند شهري آهيان ۽ برطانيه ۾ به پنهنجي خلاف مقدمي جو قانوني طريقي سان سامنو ڪري رهيو آهيان. پاڪستان ۾ مون کي ٽي ڀيرا قيد جون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون، مون کي جنرل ضياء الحق جي سمري ملٽري ڪورٽ  کان 9 مهينن جي قيد ۽ پنجن ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي. پر مان معافي گهري ڪري پنهنجي سزا معاف نه ڪرائي. بلڪه پوري سزا ڪاٽي ۽ اڄ برطانيه ۾ به الطاف حسين ڪنهن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائيندو.جناب الطاف حسين سانحه پشاور جو ذڪر ڪندي فرمايو ته پوري قوم کي گهرجي ته  اها سانحه پشاور جي معصوم شهيدن جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏي ۽ هڪ پاڪستاني قوم بڻجي ڪري واضع ڪري ڇڏي ته پاڪستان ۾ هٿ ٺوڪيل شريعت ڏاڍ جي زور تي مسلط ڪرڻ وارن طالبان دهشت گردن جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن کي سختي سان تلقين ڪئي ته اهي پنهنجن فرضن جي ادائگي ڪرڻ وارن صحافين يا عورت رپورٽرن سان سهڻي اخلاق سان پيش اچن ۽ انهن سان هرگز به بدتميزي نه ڪن، والدين، بزرگن، استادن ۽ عورتن جو احترام ڪن ۽ پاڻ کي سماجي برائين کان پري رکن.
 

7/17/2024 8:25:59 PM