Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جڏهن قوم پنهنجي سڃاڻپ ڳولي رهي هئي ۽ دربدر جون ٺوکرون کائي رهي هئي ته اهڙي وقت ۾ الله تعالٰي اسان ڏانهن جناب الطاف حسين کي ظالمن کان نجات ڏياريندڙ ڪري موڪليو.


 Posted on: 9/19/2013
جڏهن قوم پنهنجي سڃاڻپ ڳولي رهي هئي ۽ دربدر جون ٺوکرون کائي رهي هئي ته اهڙي وقت ۾ الله تعالٰي اسان ڏانهن جناب الطاف حسين کي ظالمن کان نجات ڏياريندڙ ڪري موڪليو.
نارٿ ناظم آباد ريذيڊنسي ڪميٽي جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ ميڙاڪي کي خطاب.
ڪراچي؛19 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سيپٽمبر جو مهينو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جي لاءِ انتهائي خوشي جو مهينو آهي، ڇو ته ان مهيني ۾ انهن جي رهبر ۽ قائد جناب الطاف حسين جي پيدائش ٿي هئي.انهن چيو ته جڏهن قوم پنهنجي سڃاڻپ ڳولي رهي هئي ۽ دربدر جو ٺوکرون کائي رهي هئي ته اهڙي وقت ۾ الله تعالٰي جناب الطاف حسين کي اسان ڏانهن ظالمن کان نجات ڏياريندڙ ڪري موڪليو جن غريبن ۽ وچولي طبقي جي لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪيو.انهن خيالن جو اظهار انهن نارٿ ناظم آباد ريذيڊنسي ڪميٽي جي زير اهتمام جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ ميڙاکي کي خطاب ڪندي ڪيو.ميڙاکي ۾ جناب الطاف حسين جي ڀيڻ ادي سائره خاتون ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اڄ کان 20 ، 30 سال اڳ به اهو ئي چيو ويندو هو تهپاڪستان وڏي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ۽ اڄ به اها ئي ڳالھ ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان وڏي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي.انهن چيو ته پي پي پي جا ماڻهو پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبن جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ اهي چئي رهيا آهن ته صوبن جي تقسيم پاڪستان سان غداري آهي جيڪڏهن اها غداري آهي ته قومي اسيمبلي ۾ جنوبي پنجاب ۽ سرائيڪي صوبي جي قرارداد منظور ڪنهن ڪرائي هئي ڇا اها غداري نه آهي؟انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سڄي ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي نون صوبن بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي.هاڻي پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبا ٺهي وڃڻ گهرجن ڇو ته صوبن جو ٺهڻ وقت ۽ حالتن جي اهم ضرورت آهي ۽ پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ به انتهائي اهم آهي.انهن چيو ته سڀني کان گهٽ ٻهراڙي وارا علائقا سنڌ ۾ آهن ان جي باوجود سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو،ان ڪوٽا سسٽم ۾ جاگيردارن ۽ وڏيرن جا ٻار ته اعلٰي تعليم حاصل ڪن ٿا پر غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکڻ وارن جي ٻارن کي تعليم سميت ڪي به بنيادي سهولتون ميسر نه آهن. اها ئي وجه آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پهرين به چئي چڪا آهن ته سنڌ ٻه آهن هڪ اهو جيڪو ٽيڪس ڏيئي ٿو ۽ ٻيو اهو جيڪو ٽيڪس کائي ٿو.تقريب کي رئوف صديق ۽ ٻين به خطاب ڪيو.
 

4/19/2024 4:46:20 AM