Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي تمام بي گناه ڪارڪنن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/13/2014
پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي تمام بي گناه ڪارڪنن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
حڪومت هن مهل تائين وڏي صبر کان ڪم ورتو آهي جنهن تي مان حڪومت جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.
سيلاب متاثرن کي اسان جي مدد جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف کي هڪ ڀيرو ٻيهر دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته اهي پنهنجن ڌرڻڻ کي فوري طور تي ملتوي ڪري ڇڏين.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛13 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي تمام بي گناھ ڪارڪنن کي خير سگالي جي طور تي فوري طور تي رها ڪيو وڃي ۽ معاملن کي افهام و تفهيم سان حل ڪيو وڃي. اڄ پنهنجي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ انهن فرمايو ته حڪومت هن مهل تائين وڏي صبر کان ڪم ورتو آهي جنهن تي مان حڪومت جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.انهن فرمايو ته حڪومت جتي ايترو صبر ڪيو آهي اتي ڪجھ صبر ٻيو ڪري ۽ تمام گرفتار ٿيلن جي رهائي جو اعلان ڪري .جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي رهنمائن کي اپيل ڪئي ته اهي ڳالهين جو سلسلو ٻيهر شروع ڪن ۽ افهام و تفهيم سان مسئلن جو اهڙو حل ڪڍن جيڪو حڪومت ۽ تمام ڌرين جي لاءِ قابل قبول هجي،هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته اها ڳالھ درست آهي ته حڪومت کي امن و امان کي برقرار رکڻ جي لاءِ قانون جو سهارو وٺڻو پوي ٿو پر صورتحال جو تقاضا آهي ته اها قانون جو غلط استعمال نه ڪري ۽ معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هٿ هلڪو رکي.انهن سيلاب جي تباهين جو ذڪر ڪندي فرمايو ته سيلاب جي ڪري پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ هزارين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي ۽ مان انهن تمام خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو جن جا گهر ۽ مال متاع  سيلاب ۾ وهي ويا آهن،ٻارڙين جي ڏاج جو سامان، اناج ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون به تباھ ٿي ويون ۽ انهن جو سڀ ڪجھ لٽجي ويو ۽ اهي دربدري جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن.انهن فرمايو ته مان اهڙن تمام مصيبت زده ماڻهن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو ۽ دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي انهن جي مشڪلاتن جو خاتمو فرمائي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي مصيبت زده ڀائرن جي مدد ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري.جناب الطاف حسين فرمايو ته اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ته سيلاب جا ستايل ماڻهو ڀٽڪندا پيا وتن ۽ انهن کي اسان جي مدد جي سخت ضرورت آهي.مان پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪريان ٿو ته اهي ڌرڻڻ کي فوري طور تي ملتوي ڪري ڇڏين.


6/30/2024 1:29:01 PM