ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم جي 55 هين ورسي جي موقعي تي انهن جي قبر تي حاضري
ڪراچي: 16 آگسٽ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محفوظ يار خان، عارف خان، عبدالقادر خانزاده ۽ ساٿي اسحٰق قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي بابائي اردو مولوي عبدالحق مرحوم جي 55 هين ورسي جي موقعي تي اردو يونيورسٽي ۾ انهن جي قبر تي حاضري ڏني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي قبر تي گلن جي چادر چڙهائي ۽ انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي.