Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مظلوم ۽ محڪوم قوم جي روشن مسقتبل جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين قيد جون تڪليفون برداشت ڪيون ۽ اڄ به جلاوطني جي زندگي گذاري رهيا آهن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


 Posted on: 9/8/2014 1
مظلوم ۽ محڪوم قوم جي روشن مسقتبل جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين قيد جون تڪليفون برداشت ڪيون ۽ اڄ به جلاوطني جي زندگي گذاري رهيا آهن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
حيدرآباد پڪا قلعه گرائونڊ ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب.
حيدرآباد؛8 سيپٽمبر؛2014
            ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته زنده قومون فنا ٿي ڪري به پنهنجي مسقتبل کي روشن ڪري وڃن ٿيون،قائد تحريڪ جناب الطاف حسين مظلوم ۽ محڪوم قوم جي روشن مستقبل جي لاءِ قيد جون تڪليفون برداشت ڪيون ۽ اڄ به جلاوطني جي زندگي گذاري رهيا آهن،انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد پڪا قلعه گرائونڊ ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب،سنڌ تنظيمي ڪميٽي جو جوائنٽ انچارج شبير قائم خاني، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي، حق پرست ميمبرَ ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته تحريڪ جي پيغام کي ڦيلائڻ ڪارڪنن جو فرض آهي ۽ پنهنجي ذميواري کان غافل ماڻهو تحريڪ جي لاءِ نقصان ده ثابت ٿي سگهن ٿا،.جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جا باني و قائد آهن ۽ هميشه رهندا.جنرل ورڪرز اجلاس کي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب خطاب ڪندي چيو ته پنهنجو احتساب ڪرڻ جو عمل ڪنهن به معاشري جي ترقي جو ضامن هوندو آهي جيڪو اسان جي تحريڪ ۾ پهرين ئي ڏينهن کان جاري آهي انهن چيو ته اتحاد طاقت جي علامت هوندو آهي ۽ ڇڙ وڇڙ قومون صرف تباهي ڏانهن وڃن ٿيون ڇو ته انتشار سان هميشه ذلت ۽ ناڪامي ئي ملندي آهي پر اتحاد جي ڪري دنيا اوهان جي سچائي کي تسليم ڪري ٿي.اجلاس کي شبير قائمخاني ۽ نويد شمسي به خطاب ڪيو. 

7/18/2024 1:33:20 AM