ميڊيا جي آفيسن تي حملو ۽ صحافين کي خوف زده ڪرڻ صحافت جي آزادي تي حملي ڪرڻ جي برابر آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيو نيوز جي آفيس تي حملي ۽ صحافين کي خوف زده ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ صحافين کي مڪمل طور تي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
لنڊن؛ 8 سيپٽمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسلام آباد ۾ شرپسند ماڻهن جي طرفان جيو نيوز جي آفيس تي حملي ۽ صحافين سميت ٻئي اسٽاف کي خوف زده ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ميڊيا جي آفيس تي حملو ۽ صحافين کي خوف زده ڪرڻ صحافت جي آزادي تي حملي جي برابر آهي ۽ جيڪي شرپسند ان حملي ۾ ملوث آهن اهي ڪنهن به رعايت جا مستحق ٿي نه ٿا سگهن. جناب الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ شرپسند ماڻهن جي طرفان جيو نيوز جي آفيس تي حملي ۽ صحافين کي خوف زده ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ صحافين کي مڪمل طور تي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.