معروف شيعه عالم دين علامه عباس ڪميلي جي صاحبزادي علي اڪبر ڪميلي شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ باغ حسين قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
نماز جنازه ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت، رابطا ڪميٽي ميمبرن ۽ ٻين جي شرڪت.
ڪراچي؛ 7 سيپٽمبر؛2014
جعفريه الائنس جي سربراھ، متحده بين المسلمين جي نائب صدر ۽ معروف عالم دين علامه عباس ڪميلي جي صاحبزادي علي اڪبر ڪميلي شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ لياري چاڪيواڙه ۾ باغ حسين قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد جي جنازي نماز علامه رضي جعفر نقوي نمائش چورنگي تي ادا ڪرائي.جنازي نماز ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت ۽ رابطا ڪميٽي ميمبرن سيد امين الحق، حيدرعباس رضوي،احمد سليم صديقي، عبدالحسيب، اسلم آفريدي، بابر غوري، گلفراز خان خٽڪ،ڪهف الورٰي، عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ حق پرست صوبائي وزيرن ڊاڪٽر صغير احمد، رئوف صديقي،سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن، مخلتف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن، سياسي و سماجي شخصيتن ، ڪارڪنن ۽ شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.