Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان خدا جي واسطي سياسي معاملن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي آخري ڀيرو ڪوشش ڪري وٺن ۽ اهي ملڪ جي نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪن.


ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان خدا جي واسطي سياسي معاملن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي آخري ڀيرو ڪوشش ڪري وٺن ۽ اهي ملڪ جي نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪن.
 Posted on: 8/19/2014
ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان خدا جي واسطي سياسي معاملن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي آخري ڀيرو ڪوشش ڪري وٺن ۽ اهي ملڪ جي نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجن فيصلن تي نظرثاني ڪن.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي هنگامي بيان ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان کي دردمندانه اپيل.
لنڊن؛ 19 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي سياسي معاملن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي آخري ڀيرو ڪوشش ڪري وٺن ۽ ڳالهين جا دروازا ڪنهن به قيمت تي بند نه ڪن.پنهنجي هڪ هنگامي بيان ۾ جناب الطاف حسين ڊاڪٽر طاهر القادري کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان نه صرف هڪ انتهائي سمجهدار، بردبار ۽ باشعور انسان آهيو، بلڪه چوٽي جا عالم به آهيو.اوهان اڄ حڪومت کي شام تائين جي جيڪا ڊيڊ لائين ڏني آهي اها هاڻي  ختم ٿيڻ واري آهي. ان کان پهرين جو اوهان ڪوئي قدم کڻو منهنجي اوهان کي درخواست آهي ته اوهان ملڪ جي نازڪ صورتحال کي سامهون رکندي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪريو.اها حقيقت اوهان جي علم ۾ آهي ته اسان جي فوج  هن وقت اتر وزيرستان ۾ هڪ مشڪل جنگ وڙهي رهي آهي. انهن حالتن ۾ اوهان ڪوئي حتمي اعلان ڪرڻ يا ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪرڻ کان پهرين آخري ڀيرو ڳالهين جو رستو اختيار ڪري ملڪ  ۽ قوم کي هڪ وڏي بحران کان بچائي وٺو. جناب الطاف حسين ڊاڪٽر طاهر القادري کي چيو ته ملڪ ۾ جاري جمهوري نظام ۾ جيڪي خرابيون آهن ان ۾ جمهوري نظام کان وڌيڪ ان جي هلائڻ وارن جو ڏوھ آهي، خدا جي واسطي جمهوريت جو غلط استعمال ڪرڻ وارن کي ڳالهين جي ذريعي سڌي رستي تي آڻيو ۽ ملڪ کي ڪنهن به قسم جي ٽڪراءُ، خون خرابي ۽ ڏڦيڙ کان بچايو. انهن فرمايو ته الله تعالٰي اوهان جو ۽ اسان سڀني جو مددگار هجي.ان دعا سان گڏ منهنجي ڊاڪٽر طاهر القادري ۽ عمران خان کي دردمندانه اپيل آهي ته اهي خدا جي واسطي ڳالهين جو رستو اختيار ڪن ڇو ته هر ڪنهن کي آخر ڳالهين جو ئي رستو اختيار ڪرڻو پوي ٿو، ڀلي ڏھ پندرنهن لک ماڻهن جون جانيون ڏيڻ کان پوءِ ڳالهيون ڪيون وڃن يا ڏھ پندرنهن لک ماڻهن جون جانيون بچائڻ کان اڳ ئي ڳالهيون ڪري وٺجن.
*

7/18/2024 2:29:30 AM