ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري 10 ماڻهن جي ٻڏي ڪري هلاڪ ٿيڻ جي واقعي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
حڪومت عوام جي جانين جو تحفظ ڪرڻ جي لاءِ موثر قدمَ کڻي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛30 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري 10 ماڻهن جي ٻڏي ڪري هلاڪ ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪومت کي گهرجي ته اها عوام جي جانين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر قدمَ کڻي.جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ بابر جا شريڪ آهن.انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.