جناب الطاف حسين جي طرفان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن لياقت حسين جي دردناڪ شهادت تي افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 19 جولائي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دهشت گردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 اي جي ڪارڪن لياقت حسين جي دردناڪ شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين لياقت حسين جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ شهيد جي پوئنرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيد لياقت حسين جا درجات بلند فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
****