Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رمضان شريف جي مهيني ۾ اسرائيل جو مظلوم فلسطينن تي حملو کليل دهشت گردي آهي. رابطا ڪميٽي


 Posted on: 7/14/2014
رمضان شريف جي مهيني ۾ اسرائيل جو مظلوم فلسطينن تي حملو کليل دهشت گردي آهي. رابطا ڪميٽي.

ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون، ڊفينس، لانڍي ۽ لياقت آباد سيڪٽرن جي زير اهتمام منعقده الڳ الڳ افطار پارٽين جي شرڪاء سان رابطا ڪميٽي ميمبرن ڪنور نويد، يوسف شاهواڻي، وسيم اختر، عادل خان ۽ اشفاق منگي جو خطاب.

ڪراچي؛ 14 جولائي 2014

            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن چيو آهي ته اسرائيل جي غزه تي بمباري کليل حملي جي بدترين مثال آهي ۽ تمام مسلمان ملڪن کي اسرائيل جي خلاف تمام تر اختلافن ۽ تضادن کي ختم ڪري معصوم فلسطينن جي قتل عام تي عملي طور تي نه صرف آواز بلند ڪرڻ گهرجي بلڪه ان سلسلي ۾ پنهنجو احسن ڪردار به ادا ڪرڻ گهرجي.انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي ميمبرن ڪنور نويد جميل، يوسف شاهواڻي، وسيم اختر، عادل خان ۽ اشفاق منگي ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون، ڊفينس، لانڍي ۽ لياقت آباد سيڪٽرن جي زير اهتمام منعقد ڪيل الڳ الڳ افطار پارٽين جي شرڪاء سان اظهار خيال ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبرَ مجاهد بلوچ، آصف حسنين، سفيان يوسف، خواجه سهيل منصور۽ ٻيا به موجود هئا.افطار پارٽين کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبرن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به صرف مسلمان ئي نه پر ڪنهن به مذهب جي مڃڻ وارن بي گناھ ماڻهن جو رت وهايو ويو ته ان جي خلاف جناب الطاف حسين هميشه آواز بلند ڪئي آهي. انهن چيو ته رمضان شريف جي مهيني ۾ اسرائيل جي طرفان غزه تي حملو کليل دهشت گردي آهي ۽ ان جي خلاف اقوام متحده ، او آئي سي ، ملڪي ۽ بين الاقوامي انساني حقن جي علمبردار تنظيمن کي احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ اسرائيل جي طرفان معصوم فلسطينن جي رت سان هولي کيڏڻ جو عمل بند ڪرائڻ گهرجي.رابطا ڪميٽي چيو ته مجموعي طور تي سڄي دنيا ۾ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جو فقدان واضع طور تي محسوس ڪيو پيو وڃي ۽ اسرائيل جي حوصلن کي انهي جي ڪري طاقت ملي رهي آهي

5/16/2024 6:54:16 PM