اين جي او (آئي آر آئي) ۽ پيڊ جي عهديدارن جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور خالد يونس سان ملاقات.
ڪراچي؛ 9 جولائي 2014
اين جي او (آئي آر آئي) ۽ پيڊ اربع جي ڏينهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڪنور خالد يونس سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ پي اي ڊي اي پروجيڪٽ مينيجر عماد خالد، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر محترمه ثمينه امتياز ۽ آئي آر آي جو ڪوآرڊينيٽر عطا ذڪي به شامل هو. ان موقعي تي حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي محترمه نائله منير ۽ ٻيا به موجود هيا. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جي شعبه خواتين، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي طرفان عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. وفدن جي ميمبرن ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي طرفان عورتن جي مسئلن جي حل جي لاءِ عملي ڪوششن کي به ساراهيو