Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آل پاڪستان مسلم ليگ سنڌ جي ترجمان عرفان ميمڻ جي سربراهي ۾ مرڪزي ڪابينه جي 6 رڪني وفد جي حيدرعباس رضوي سان ملاقات.


 Posted on: 7/1/2014 1

آل پاڪستان مسلم ليگ سنڌ جي ترجمان عرفان ميمڻ جي سربراهي ۾ مرڪزي ڪابينه جي 6 رڪني وفد جي حيدرعباس رضوي سان ملاقات.
وفد جي طرفان 6 جولائي تي  ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام جناح پارڪ ۾ جلسي جي حمايت جو اعلان.
ڪراچي؛ پهرين جولائي 2014
             آل پاڪستان مسلم ليگ جي ترجمان عرفان ميمڻ جي سربراهي ۾ مرڪزي ڪابينا جي سينيئر ميمبرن ڪيپٽن عرفان غوري، سيد افتخار شاھ، سيف الرحمٰن ، حسن رامپوري، حنيف خان ۽ شاھ نواز تي مشتمل 6 رڪني وفد ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدر عباس رضوي سان ملاقات ڪئي 6 جولائي بروز آچر تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام جناح پارڪ ۾ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٽ ڪئي.ان موقعي تي عرفان ميمڻ چيو ته پاڪ فوج جي بدولت ملڪ و قوم جي دشمنن جا ارادا اڄ تائين ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن.انهن چيو ته هن نازڪ وقت ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر انقلابي قدم کنيو آهي.اي پي ايم ايل نه صرف ان قدم جي  ڀرپور حمايت ڪري ٿي بلڪه ان ۾ ڀرپور شرڪت به ڪندي. انهن چيو ته اسان کي يقين آهي ته 6 جولائي جي ڏينهن قوم جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ جمع ٿي ڪري فوج جي جوانن سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي.عرفان ميمڻ اي پي ايم ايل جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي اپيل ڪئي ته اهي 6 جولائي تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٿيندڙجلسي ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن. ان موقعي تي حيدر عباس رضوي آل پاڪستان مسلم ليگ جي وفد جو خير مقدم ڪيو ۽ انهن جو شڪريو به ادا ڪيو.


5/16/2024 10:51:14 PM