رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏجي مزار قائد تي جلسي گاھ جناح پارڪ جو دورو ڪيو.
پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ جلسو ملڪ و قوم کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.انجنيئر ناصر جمال.
ڪراچي؛ 29 جون 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر انجنيئر ناصر جمال 6 جولائي تي ٿيندڙ جلسي جي سلسلي ۾ جلسي گاھ جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر امين الحق، رشيد گوڏيل، خالد سلطان، اسلم آفريدي ۽ توصيف خانزاده ،ڪراچي تنظيمي ڪميٽي جو انچارج ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنَ به وڏي تعداد ۾ موجود هئا.ناصر جمال ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن ضرب عضب پوري قوم جي آواز آهي ۽ ان سلسلي ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ جنهن تاريخي جلسي جو اعلان ڪيو آهي اهو انشاء الله تعالٰي ملڪ و قوم کي دهشت گردي جي عذاب کان چوٽڪارو ڏيارڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ان جلسي ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج سان تاريخي يڪجهتي جو اظهار ڪن.