Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٽي وي چينلن تي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جو مورال بلند ڪرڻ جي لاءِ ملي نغما پيش ڪيا وڃن.


 Posted on: 6/27/2014
ٽي وي چينلن تي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جو مورال بلند ڪرڻ جي لاءِ ملي نغما پيش ڪيا وڃن.
دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ پاڪستان جي فوج جي قربانين جي حوالي سان خصوصي پروگرام به نشر ڪيا وڃن.
ٽي وي چينلن جي مالڪن ۽ ايڊيٽرن کي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ڪراچي؛27 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مالڪن ۽ ايڊيٽرن کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته ٽي وي چينلن تي ٻين پروگرامن سان گڏو گڏ دهشت گردي سان مقابلو ڪندڙ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جو مورال بلند ڪرڻ جي لاءِ ملي نغما به نشر ڪيا وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن کي پهرين ئي اها درخواست ڪري چڪا آهن ته دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ مصروف فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ٽي وي چينلن تي ملي نغما نشر ڪيا وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪ جا آفيسر ۽ جوان پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا جي لاءِ پنهنجي جانين کي ٿري تي رکي ڪري دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ مصروف آهن ۽ پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن. رابطا ڪميٽي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مالڪن ۽ ايڊيٽرن کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي حوصلا افزائي ۽ پاڪ فوج جو مورال بلند ڪرڻ جي لاءِ ٽي وي چينلن تي ٻين پروگرامن سان گڏو گڏ باقائدگي سان ملي نغمن نشر ڪرڻ جو به اهتمام ڪن ۽ دهشت گردن سان مقابلو ڪندڙ پاڪستان جي فوج جي قربانين جي حوالي سان خصوصي پروگرام به نشر ڪيا وڃن.
*****



5/1/2024 11:54:37 PM