انٽرنيشنل هيومن رائيٽس جي سفير اسد خٽڪ ۽ معروف اداڪاره وينا ملڪ جي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
جناب الطاف حسين اسد خٽڪ ۽ وينا ملڪ کي شادي جي مبارڪباد پيش ڪئي.
اها وڏي اعزاز جي ڳالھ آهي جو اسان اوهان سان ڳالھ ڪري رهيا آهيون.اسد خٽڪ ۽ وينا ملڪ.
لنڊن؛ 27 جون 2014
انٽرنيشنل هيومن رائيٽس جي سفير اسد خٽڪ ۽ فلم ۽ ٽي وي جي معروف اداڪاره وينا ملڪ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن فون ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. جناب الطاف حسين اسد خٽڪ ۽ وينا ملڪ کي انهن جي شادي جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن کي ڪامياب ۽ خوشگوار زندگي گذارڻ جي لاءِ دعائون ڏيندي فرمايو ته الله تعالٰي اوهان کي انسانيت جي ڀرپور خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اوهان جون صلاحيتون پاڪستان ۽ ان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وقف ٿين. اسد خٽڪ ۽ وينا ملڪ جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اها اسان جي لاءِ وڏي اعزاز ۽ خوشي جي ڳالھ آهي جو اسان اوهان سان ڳالھ ڪري رهيا آهيون. انهن چيو ته پاڪستان جي بقاو سلامتي ، ترقي ۽ خوشحالي ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ اوهان جي جدوجهد قابل تحسين آهي . اسان جي دعا آهي ته الله تعالٰي ملڪ و قوم جي لاءِ ٿيندڙ اوهان جي جدوجهد کي ڪاميابي عطا ڪري.آمين.
****