Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن ذيشان اقبال شهيد کي ياسين آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


 Posted on: 6/26/2014


جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
ڪراچي؛ 26 جون 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي يونٽ 155 فيڊرل بي ايرياسيڪٽر جي ڪارڪن ذيشان اقبال جي دهشت گردن جي هٿان شهادت جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي . رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گرد ايم ڪيو ايم جي حق پرستي جي نظريي کان خوف زده آهن انهي جي ڪري اهي ڪارڪنن کي لڳاتار نشانو بڻائي ڪري امن و امان جي صورتحال کي خراب ڪري رهيا آهن. رابطا ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث دهشت گردن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي .ان کان علاوه ذيشان اقبال شهيدکي ايم ڪيو ايم جي شهداء قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد جي جنازي نماز حسين آباد جي ميمڻ مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن احمد سليم صديقي، عادل خان ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن خالد بن ولايت ۽ افتخار عالم سميت ڪراچي تنظيمي ڪميٽي جي ميمبرن، سيڪٽر ۽ يونٽن جي ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن ۽ شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيد جي بلند درجات جي لاءِ دعا به ڪئي وئي.

5/1/2024 8:37:41 PM