پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ علامه طاهر القادري جو ٽيليفون تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان رابطو، انهن حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي وحشياڻي قتل تي تعزيت ڪئي.
لنڊن؛ 20 جون 2014
پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ علامه طاهر القادري خميس جي رات لنڊن فون ڪري ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي وحشياڻي قتل تي تعزيت ڪئي. ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته قاتلن بزدلي جو مظاهرو ڪري جهڙي طرح هڪ اسيمبلي عورت ميمبر کي قتل ڪيو آهي ان جي جيتري به قدر مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته مان ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جا ڪارڪنَ ايم ڪيو ايم سان گڏ آهن ۽ مطالبو ڪن ٿا ته محترمه طاهره آصف جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي . انهن محترمه طاهره آصف جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي.