ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي کي قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي پارليماني ليڊر ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين کي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي پارليماني ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي.
ايم ڪيو ايم جي گڏيل اجلاس ۾ فيصلو
ڪراچي: 18 اپريل 2016
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر خالد مقبول صديقي کي قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي پارليماني ليڊر ۽ تحريڪ جي سينيئر ميمبر ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين کي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي پارليماني ليڊر نامزد ڪيو ويو آهي. جنهن جو فيصلو ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
*****