Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ميرپورخاص ۾ ريلي جو انعقاد


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ميرپورخاص ۾ ريلي جو انعقاد
 Posted on: 3/24/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ميرپورخاص ۾ ريلي جو انعقاد
ميرپورخاص: 24 مارچ 2016 
                   قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ايم ڪيو ايم ميرپورخاص زون جي زير اهتمام اسٽيٽ لائيف بلڊنگ حيدرآباد روڊ کان هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ بزرگن، امڙين، ڀينرن ۽ نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محمد حسين، عبدالحسيب ۽ اقبال مقدم ڪئي. ان موقعي تي ريلي جي شرڪاء پنهنجن هٿن ۾ پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا ، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جون تصويرون ۽ بينرَ کنيا هئا. جن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان تجديد عهد وفا تي ٻڌل جملا  درج هئا. ريلي مختلف روڊن ۽ رستن تان ٿيندي ميرپورخاص زون تي اختتام پذير ٿي. ان موقعي تي عوام ريلي تي گل به نچاور ڪيا. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبرن محمد حسين،عبدالحسيب ۽ اقبال مقدم چيو ته ميرپورخاص جي عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي ماضي وانگر هن ڀيري به جناب الطاف حسين جي قيادت تي بي پناھ اعتماد ڪن ٿا ۽ متحد آهن. انهن چيو ته ميرپورخاص ڪالھھ به جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو شهر هو ۽ اڄ به جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو ئي شهر آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کان  سواءِ ٻيو ڪوئي به ليڊر نه آهي ۽ مظلوم عوام جي اتحاد کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون سازشون ڪندڙن کي پنهنجي حيثيت جو جلد ئي اندازو ٿي ويندو. ريلي ۾ ايس ٽي سي جوائنٽ انچارج فريد احمد خان ۽ ميمبرن خالد حسين، شفيق احمد، عظيم دانش، زونل انچارج ميرپورخاص مجيب الحق ۽ ٻين کان علاوه اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر ظفر ڪمالي، ڪائونسلرن، اي پي ايم ايس او ، ليبر ڊويزن، ليگل ايڊ ڪميٽي، ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي، شعبه خواتين ۽ ڪارڪنن تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 
*****

4/29/2024 7:28:32 AM