Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عالمي شهرت يافته ۽ نامور پاڪستاني فلم ڊائريڪٽر شرمين عبيد چناءِ جي طرفان ٻيو ڀيرو آسڪر اڪيڊمي ايوارڊ کٽڻ تي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مبارڪباد پيش


عالمي شهرت يافته ۽ نامور پاڪستاني فلم ڊائريڪٽر شرمين عبيد چناءِ جي طرفان ٻيو ڀيرو آسڪر اڪيڊمي ايوارڊ کٽڻ تي ايم ڪيو  ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مبارڪباد پيش
 Posted on: 2/29/2016
عالمي شهرت يافته ۽ نامور پاڪستاني فلم ڊائريڪٽر شرمين عبيد چناءِ جي طرفان ٻيو ڀيرو آسڪر اڪيڊمي ايوارڊ کٽڻ تي ايم ڪيو  ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي طرفان مبارڪباد پيش
ڪراچي: 29 فيبروري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار عالمي شهرت يافته پاڪستاني فلم ڊائريڪٽر شرمين عبيد چناءِ جي طرفان ٻيو ڀيرو آسڪر اڪيڊمي ايوارڊ کٽڻ تي زبردست مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل جون فرسوده  رسمون ۽ هٿ ٺوڪيل قانون بدقسمتي سان پاڪستان ۾ رائج آهن جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي عورتون غيرت جي نالي تي قتل ڪيون وڃن ٿيون. انهن چيو ته شرمين عبيد چناءِ غيرت جي نالي تي عورتن جي قتلن تي ٻڌل فلمون بڻائي ڪري دنيا جي توجه ان ظلم ڏانهن ڇڪرائي آهي جنهن تي ظلم جون شڪار عورتون ئي نه بلڪه پوري قوم انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪري ٿي. انهن وڌيڪ چيو ته شرمين عبيد چناءِ غيرت جي نالي تي قتلن تي ٻڌل دستاويزي فلمون بڻائي ڪري  ٻيو ڀيرو آسڪر اڪيڊمي ايوارڊ حاصل ڪيو آهي جنهن تي انهن پوري قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي.

5/5/2024 3:16:53 AM