ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين 14 فيبروري بروز آچر تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جو جنرل ورڪرز اجلاس طلب ڪري ورتو
لنڊن: 10 فيبروري 2016
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين 14 فيبروري بروز آچر تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جو جنرل ورڪرز اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. اهو اجلاس ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيمي معاملن جي بهتري ۽ تنظيمي ڪم کي وڌيڪ منظم انداز ۾ هلائڻ جي سلسلي ۾ گهرايو ويو آهي. اجلاس آمريڪا جي وقت جي مطابق منجهند 2 وڳي منعقد ٿيندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ان اجلاس کي ٽيليفون جي ذريعي خطاب به فرمائيندا.