قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي رحيم يار خان ضلعي کي رحيم يار خان زون ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. شبير احمد قائم خاني.
رحيم يار خان ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب.
رحيم يار خان: 18 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني چيو آهي ته پنجاب ۾ به ايم ڪيو ايم جو پيغام تيزي سان ڦيلجي رهيو آهي. جنهن جي ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي رحيم يار خان ضلعي کي رحيم يار خان زون ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ رحيم يار خان زون جا انچارج ميان شاهد رسول هوندا. اهو اعلان انهن رحيم يار خان زون ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي تنظيمي ڪميٽي جو جوائنٽ انچارج خالد اعواڻ ۽ ٻيا به موجود هئا. شبير احمد قائم خاني چيو ته رحيم يار خان زون جا انچارج ۽ ميمبر پنهنجي ذميواري جو احساس ڪندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حقيقت پسندي ۽ عمليت پسندي جي نظريي کي پنجاب جي هڪ هڪ شهر ۽ ڳوٺ ۾ ڦيلائڻ جي لاءِ جدوجهد تيز ڪن ته جيئن 98 سيڪڙو غريب عوام جي حڪمراني قائم ٿي سگهي.
*****