ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي سينيئر ڪارڪن محترمه وقار النساء مرحومه کي ياسين آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي: 15 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي شعبه خواتين جي سينيئر ڪارڪن محترمه وقار النساء مرحومه کي ياسين آباد قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحومه جي جنازي نماز عزيز آباد نمبر 2 ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالقادر خانزاده، حق پرست اسيمبلي ميمبر افتخار عالم ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه مرحومه جو ٽيجهو 16 ڊسمبر بروز اربع تي ٿيندو.
*****