ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي سينيئر ڪارڪن وقار النساء جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان دلي افسوس جو اظهار.
لنڊن: 14 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي سينيئر ڪارڪن وقار النساء جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته وقار النساء ايم ڪيو ايم جي سينيئر ۽ وفا شعار ڪارڪن هئي. جن رياستي آپريشن جي دوران تمام تر ڏکائين ۽ تڪليفن جي باوجود نائن زيرو تي تحريڪي خدمتون انجام ڏنيون جن کي فراموش ڪري نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي وقار النساء مرحومه جي مغفرت فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****